27/05/2026
ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ گلاب لغاري.
هي ٽورنامينٽ شهيد زاهد لغاري جي ياد ۾ لڳايو پيو وڃي.
Dosra Shaheed Zahid Hussain Laghari Hudri Volleyball tournament lagaya jaa raha hai. Ye tournament Gulab Laghari mein Eid ke teesrey din shamko 7 baje khela jayega. Ismein 10 teams khelengi.
Final winner team ko 15,000 diye jayenge aur runner team ko 8,000 diye jayenge, uske elawa jo player is pore tournament mein acha khelega uske liye bhi cash prize hai. Umeed karte hain ke ye tournament kamyaaab hoga.
All the best brothers tournament organisers Faraz Manzoor & Asif Laghari.
Is tournament mein Dhingano Bozdar ki 2 teams khelengi. Ek Kashif Anwar Club aur dosri Bozdar Club. Sab dosto se guzarish hai ke sab dost chalein aur apni teams ko support karein.
Boht shukriyaaa. ❤️
21/11/2025
Tri-series.
Aaaj teen (3) teams ki ek behtreeen hudri volleyball ki series kheli gayi. Ye series Kamran Ali Murad Bozdar ki otaaq dhingano bozdar mein kheli gayi, ismein 3 teams thi. Iska final match ASIF ANWAR 🆚 SAIN NADEEM SHAH ke darmiyaan khela gaya, behtreen match huwa aur is series ka final ASIF ANWAR ki team ne jeet liya.
Is series mein ye 3 teams thi.
ASIF ANWAR CLUB.
SAIN NADEEM SHAH CLUB.
ASHFAQUE BOZDAR CLUB.
10/06/2025
جیت لینگے پھر کبھی, پھر کہیں. انشاءاللہ.
هڪ بهترين ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ گلاب لغاري ۾ ڪالھ بروز سومر 09/06/2025 تي ٿي گذريو.
هن بهترين ٽورنامينٽ ۾ اٺ ٽيمن حصو ورتو.
هن ٽورنامينٽ ۾ ڪاشف انور لغاري ڪلب جي ٽيم حصو ورتو ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
ڪاشف انور لغاري ڪلب بهترين مقابلا ڪيا ۽ فائنل ۾ پهچي وئي. جنهن کانپوءِ هڪ بهترين فائنل ميچ ٿيو پر ڪاشف انور لغاري ڪلب فائنل ميچ هارائي وئي. 👍🏻🏆
ڪاشف انور لغاري ڪلب جي طرفان سڀني گلاب لغاري جي ڀائرن، آصف لغاري ،فراز لغاري ،ادا پرويز لغاري، فيصل لغاري ، چاچا چاڪر، ياصر لغاري ،حميد لغاري ، سائين باقر، ماجد لغاري ،منظر لغاري ۽ ٻين دوستن کي مبارڪون هجن. توهان سڀني دوستن هڪ بهترين يادگار ٽورنامينٽ ڪرايو. ❤️
08/06/2025
انشاءﷲ ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ڪلب جي هي ٽيم سڀاڻي گلاب لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ جو حصو هوندي.
سڀ دوست پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪن. مهرباني.
انشاءﷲ ميچ هن پيج تي لائيو هلايو ويندو.
08/06/2025
ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ گلاب لغاري.
هي ٽورنامينٽ شهيد زاهد لغاري جي ياد ۾ لڳايو پيو وڃي.
انشاءﷲ سڀاڻي بروز سومر جي شام 07:00 بجي گلاب لغاري ۾ هڪ بهترين ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ ٿيندو.
هن ٽورنامينٽ ۾ ٽوٽل اٺ ٽيمون رهنديون. جن جا بهترين مقابلا ٿيندا.
سڀني ڀائرن، دوستن ۽ راند جي شوقينن کي دعوت آهي ته ٽورنامينٽ ۾ اچي ڪري پنهنجي پسند جي ٽيم کي سپورٽ ڪن.
سڀني دوستن کي گذارش آهي ته پوسٽ کي شيئر ڪريو.
24/04/2025
ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ ٿي گذريو.🤍
تمام معزز مھمانن پيارن دوستن ۽ ڳوٺ جي آيل سڀني ڀائرن جا قرب جن پنهنجو قيمتي وقت ڏنو اسان جي ٽورنامينٽ ۾ اچي ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
گرائونڊ ۾ آيل سڀني ٽورنامينٽ ڏسندڙ معزز مهمانن ڀائرن ۽ دوستن جون ڪجهه يادگار تصويرون.
24/04/2025
ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ.💖🏆
اسان جي پياري ڀاءُ گل حسن بوزدار جي طرفان ٽورنامينٽ جي چيف گيسٽ ماما رئيس لائق خان لغاري ، ٽورنامينٽ آرگنائيزر سهيل احمد لغاري ۽ استاد جميل خانزادو کي سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ لونگي جو تحفو پيش ڪيو ويو. ٽورنامينٽ آرگنائيزرس جي ٽيم جي طرفان آيل معزز مهمانن پيارن دوستن ۽ سڀني ٽيم جي ڪپتانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.
21/04/2025
ماڻهون آيا مور، ميلو مچيو زور.❤️
ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ.💙
ضلعي ٽنڊي الهيار شهر جي ڳوٺ ڌڱاڻي بوزدار جمعي جي ڏينهن 18 اپريل تي هڪ شاندار، ڪامياب ۽ يادگار ٽورنامينٽ ٿي گذريو.✨
جيئن ته اڳئين سال جيان هن سال به ڌڱاڻي بوزدار ۾ رانديگرن لاءِ ڪاشف انور ڪلب پاران هڪ شاندار ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ لڳائي وئي. جنهن جا سڀ بهترين ميچ ٿيا. هن ۾ ٽوٽل ٻارهن ٽيمن حصو ورتو جنهن ۾ آل سنڌ جا رانديگر به کيڏيا. هي ٽورنامينٽ ڪاشف انور ڪلب بنا ڪنهن انٽري فيس جي لڳايو.
جنهن کان بعد ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ جو وڏو فائنل ميچ ٽنڊو قيصر بمقابلا ٽنڊو ڄام جي وچ ۾ ٿيو. يقينن بهترين عاليشان فائنل ميچ ٿيو. وڏي مقابلي بعد ٽنڊو قيصر هڪ بهترين ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اسان جي ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ جي پياري مهمان خاص ماما رئيس لائق خان لغاري، ڀاءُ گل حسن بوزدار، رئيس سهيل لغاري، رئيس آصف لغاري، رئيس ارسلان لغاري ۽ رئيس صدام لغاري ٽورنامينٽ جي ونر ٽيم جي فهيم نظاماڻي کي ٽرافي ۽ڪيش پرائيز ڏنو. 🏆
ونر ٽيم کي وڏيري محمد علي ناهيون جي طرفان ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ کٽڻ تي پنج هزار رپيا ڪيش پرائيز ڏنو ويو. ۽
ونر ٽيم کي استاد جميل خانزادو جي طرفان ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ کٽڻ تي ٽي هزار رپيا ڪيش پرائيز ڏنو ويو
رئيس سهيل لغاري ۽ رئيس ارسلان لغاري ٽورنامينٽ جي رنر ٽيم ٽنڊو ڄام ڪلب جي ڪپتان پرويز سولنگي کي ٽرافي ۽ ڪيش پرائيز ڏنو. 🏆
رنر ٽيم کي وڏيري محمد علي ناهيون جي طرفان ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ ۾ فائنل پهچڻ تي ٻہ هزار رپيا ڪيش پرائيز ڏنو ويو. ۽
رنر ٽيم کي استاد جميل خانزادو جي طرفان ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ ۾ فائنل پهچڻ تي ٻہ هزار رپيا ڪيش پرائيز ڏنو ويو.
ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ جي پوري ٽورنامينٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي رئيس سهيل لغاري پاران حافظ رياض نظاماڻي کي پليئر آف دي ٽورنامينٽ کڻڻ جي عزاز ۾ ٽرافي ۽ ڪيش پرائيز ڏنو ويو. 🏆
ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڀاء گل حسن بوزدار جي طرفان نظير نظاماڻي کي پليئر آف دي ميچ کڻڻ تي ٽرافي ۽ڪيش پرائيز ڏنو ويو. 🏆
ڪاشف انور لغاري ڪلب سڀني آيل معزز پيارن مهمانن، دوستن، ڀائرن، مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍيو ۽ اچي ڪري اسان جي ٽين ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ کي ڪامياب ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. مهرباني ❤️
پوسٽ کي شيئر ڪريو. 💙