25/07/2026
O Brother! Listen to the eternal Word. Sainthood is in fact like a spiritual
emperorship that totally just. Undertake the practice of bandagi in his presence,
and you will easily cross the ocean of birth and death. Be in love with Soham
Shabda, and win the fearless and eternal abode. O Brother! Take care of this
body, in which the name of God shines.
24/07/2026
دنیا میں آئے ہیں تو خالی ہاتھ نہ جائیں۔
لوگوں کے دلوں میں جگہ بنا جائیں،
جئی شری کرشنا
15/07/2026
*🌿 ارٿ:*
*1. مَاتْراسْپَرْش* = *اندرين جا وشيه*
گرمي، سردي، مٺو، ڪڙو، سُکھ، دُکھ.
اهي سڀ اسان جي 5 اندرين - اک، ڪن، نڪ، زبان، چمڙي - جي ڪري محسوس ٿيندا آهن.
*2. آگَمَاپَائِنَونِتْیاسْ* = *ايندڙ ويندڙ*
گرمي ايندي ويندي. سيارو ايندو ويندو.
سُکھ ايندو ويندو. دُکھ ايندو ويندو.
ڪجھ به سدائين نه رهندو.
*3. تَانْسْ تِتیکْشَسْو* = *تنھنڪري انھن کي سھہ*
ڇو؟ ڇو ته جيڪو ايندڙ ويندڙ آهي، ان سان ويڙه نه ڪئي ويندي آهي.
ان کي سهيو ويندو آهي.
*"تُو جسم نه آھي. تُو آتما آھي."*
جسم کي گرمي لڳندي، دُکھ ٿيندو. پر تُو؟
تُو ته ڏسندڙ آھي. جيڪو ڏسي ٿو اهو ڪڏهن به نه پِسندو.
مثال: ڪپڙا گندا ٿين ته اسان ڪپڙا ڌوئيندا آهيون، پاڻ کي نه ماريندا آهيون.
انهيءَ طرح جسم کي دُکھ ٿئي ته ان کي سهيو، پر پاڻ پريشان نه ٿيو.
زندگي ۾ طوفان ايندا ويندا.
جيڪو "سھڻ" سکي ويو، اهو يوگی بڻجي ويو.
*"جو اچي ٿو سو وڃي ٿو. تُو رڳو ڏسندڙ بنجي وڃ"*
*جئی شری ڪرشنا 🙏*
14/07/2026
*🌿 شلوک جو ارٿ:*
ڀڳوان شری ڪرشڻ هن شلوک ۾ *واڻي جی تپسيا* جا 4 انگ ٻڌائي ٿو:
*1. اَنُدویگَکَرَم* = *من کي نہ ڏکوئيندڙ*
اهڙي ڳالهه نه ڪريو جنهن سان ٻئي جو دل ڏکجي. سچ به جيڪڏهن زهر وانگر هجي ته نه ڳالهايو.
*2. سَتَیَم* = *سچ*
پر سچ به مٹھاس سان. جھوٽ بلڪل نه.
*3. پریَم* = *محبت سان ڀریل*
ڳالهه ۾ گرمی نه، پریہ هجي. جيئن ماءُ ٻار سان ڳالهائي.
*4. هِتَم* = *هتڪاري*
جيڪا ڳالهه ٻئي جي ڀلائي لاءِ هجي. صرف وقت پاس ڪرڻ لاءِ نه.
*+ سواڌیاء ابھیاسَم* = *شاسترن جو ابھیاس*
روز ويد، گیتا، اپنشد پڙهڻ. ان سان واڻي پويتر ٿي ويندي آهي.
*تپسيا جو مطلب رڳو چپ رهڻ نه آهي.*
حقي تپسيا آهي - *"میٹھا بولو، سچ بولو، ہت کی بات بولو"*
جيڪڏهن واڻي تي ڪنٽرول اچي ويو ته اڌ جنگ کٽي وئي.
ڇو ته گهڻا رشتا ٽٽندا ئي زبان جي ڪري آهن.
جئی شری کرشنا